اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب احساس پروگرام ۽ پناهگاهون بند ڪرڻ جي خبرن کي ڪوڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته شهباز شريف وز??راعظ?? چونڊجڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ پهرين خطاب ۾ واضح ڪيو هو ته عوامي خدمت جا منصوبا جاري رهندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام نه رڳو جاري رهندو پر ان کي وڌيڪ توسيع ڏني ويندي، وز??راعظم شهباز شريف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليم جو ذريعو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪو پروگرام بند ناهي ٿيو، عوام جي ڀلائي جي هر منصوبي کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، هن چيو ته اڳوڻي وز??راعظم نواز شريف جو شروع ڪيل صحت ڪارڊ ائين ئي هلندو رهندو، ان کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، اهڙا ڪوڙ اهي پکيڙي رهيا آهن جن کي وز??راعظم جي ڪرسيءَ ۽ ڪنٽينر تي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ميڊيا کي به گذارش آهي ته اها ??هڙ?? بي بنيادن اطلاعن کي جڳهه ڏيڻ کان پاسو ڪري، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته اڄ ملڪ ۾ هڪ چونڊيل وز??راعظم آهي جيڪو عوام جو ڏک درد ۽ احساس رکي ٿو، اڄ ملڪ ۾ ??هڙ?? وز??راعظم آهي جيڪو عوام جي لاءِ فراخدلي ۽ ان جي خدمت جو جذبو رکي ٿو، اڄ ملڪ ۾ ??هڙ?? چونڊيل وز??راعظم آهي جيڪو عوامي ۽ قومي سلامتي جي ايشوز کي پنهنجي سياست جي لاءِ استعمال نه ٿو ڪري.
مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب پاران احساس پروگرام ۽ پناهگاهون بند ڪرڻ جون خبرون ڪوڙ قرار
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز