لاهور – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ ۽ دليل سان ڳالهه ڪرڻ ۾ ئي اسان جي بقا آهي، جيڪو به استعيفا ڏيندو سامهون ويهاري ان کان استعيفا لکرائي ويندي ۽ اهو به پڇيو ويندو ته توهان تي ڪو دٻاءُ تي نه آهي، پارليامينٽ جا في??لا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، جلد چونڊن جا معاملا اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت کي ڏسڻا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وچ پنجاب جي پيپلزپارٽي سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ڪيو. ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري سيد حسن مرتضيٰ، انفارميشن سيڪريٽري شهزاد سعيد چيمه، چوڌري اسلم گل، ڊاڪٽر خيام حفيظ، افنان بٽ، انجم بٽ، ملڪ جمشيد شهباز ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پيپلزپارٽي جي وفد سان داتا درٻار ۽ مزار اقبال به ويو ۽ اتي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام جي دعا ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته هڪ آئ??ني ذميداري پوري ڪرڻ لاهور آيو هئس، خوش اسلوبي سان پنجاب جي وڏي وزير جو حلف ٿي ويو، مون کي يقين آهي ته قوم آئ??ن پاڪس??ان جي حفاظت ڪندي، اسان کي اخلاقيات جي اندر رهي هلڻ گهرجي ۽ سڀني کي گڏجي پاڪس??ان کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻو آهي?? هن چيو ته پارليامينٽ ۽ آئ??ن جي تقدس کي بحال رکڻ سڀني جي ذميداري آهي جيڪو آئ??ن سان گڏ نٿو هلي ان سان مُشڪلاتُون پيدا ٿينديون آهن، هر هڪ کي آئ??ن پاڪس??ان جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، آئ??ن هن وقت اسپيڪر آهيان ۽ اسپيڪر سموري هائوس جو اسپيڪر هوندو آهي?? هن چيو ته جيڪي استعيفائون مون وٽ آيون آهن ۽ جن استعيفائن تي شڪ آهي انهن کي ٻيهر چيڪ ڪرڻ چاهيان ٿو، آئ??ن پاڪس??ان ۾ ئي اسان جي ڀلائي آهي، آئ??ن سان گڏ بيهڻو پوندو، يقين آهي ته پاڪستاني قوم آئ??ن پاڪس??ان ۽ سمورن ادارن سان گڏ بيهندي?? هن چيو ته آئ??ن پاڪس??ان ۽ پارليامينٽ جي تقدس کي برقرار رکڻ اسان سڀني جو فرض آهي، 73ع جي آئ??ن تي عمل وقت جي ضرورت آهي، اسپيڪر جي حيثيت سان پنهنجون ذميداريون ۽ پارلياماني نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندس، مون سميت سڀني ماڻهن کي آئ??ن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.
هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ ۽ دليل سان ڳالهه ڪرڻ ۾ ئي اسان جي بقا آهي: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : loteria estadual