استنبول – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيه پهچي ويو. استنبول انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي استنبول جي نائب گورنر محمود حرسانلي اولو، اعليٰ ترڪ سول ۽ عسڪري عملدارن، پاڪستان سفارتخاني جي آفيسرن وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. اعليٰ سطحي وفد به وزيراعظم سان گڏ آهي. دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ ب??ري?? جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي ا??ن ايس خيبر جو افتتاح ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان کان اڳ پاڪ ب??ري?? جي لاءِ ??هر??ن ڪارويٽ ”پي ا??ن ايس بابر“ جي لانچنگ جي تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ٿي هئي جڏهن ته ٻئي جهاز ”پي ا??ن ايس بدر“ جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو. بعد ۾ ٻئي اڳواڻ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏ??ل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندا. وزيراعظم ترڪيه جي واپاري برادري جي وفد ۽ اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جي صدر سان ملاقات ڪندو.
وزيراعظم ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيه پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste