اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وجهي غيرآئيني طور تي اليڪشن جي تاريخ وٺڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، صدر عارف علوي ??ي وفاداري آئين سان هجڻ گهرجي. جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، عمران خان جي ٽائيگر فورس بڻجڻ نه ڏينداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صدر عارف علوي ??ئين شڪني ڪئي ته آرٽيڪل 6 کي منهن ڏيڻو پو??دو. هن چيو ته صدر عارف علوي ??ي وفاداري آئين سان هجڻ گهرجي. هن چيو ته عارف علوي قومي اسيمبلي تحليل ڪري اڳ ۾ ئي بظاهر آئين شڪني ڪري چڪو آهي. وفاقي وزير چيو ته سپ??يم ڪورٽ جي تشريح موجب صدر جو عهدو علامتي آهي، سپ??يم ڪورٽ موجب ڪنهن هڪ سياسي پارٽي سان ڳٺ جوڙ صدر جي منصب ۽ حلف جي خلاف ورزي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو