رديگ – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي مند تعلقي جي علائقي رديگ ۾ مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ 100 ميگاواٽ گبد پولان بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري، توانائي وارو وفاقي و??ير انجنيئر خرم دستگير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب ۽ وڏو و??ير عبدالقدوس بزنجو به موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف جي گوادر پهچڻ تي بلوچستان جي وڏي و??ير عبدالقدوس بزنجو سندن آجيان ڪئي، جنهن کانپوءِ وزيراعظم مند پشين بارڊر مارڪيٽ جي افتتاح جي لاءِ مند تعلقي جي علائقي رديگ پهتو، جتي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سا?? هٿ ملايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي مند پشين بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن مارڪيٽ جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ دوستي جي علامت طور ٻوٽو پڻ پوکيو. بارڊر مارڪيٽ جي قيام سا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۾ مدد ملندي. سرحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ اسمگلنگ روڪي ويندي. ان کانسواءِ به حڪومت وڌيڪ 5 مارڪيٽس تي به ڪم ڪري رهي آهي، جن کي جلد واپار جي لاءِ کوليو ويندو. بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي 100 ميگاواٽ گبد پولان بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو به افتتاح ڪيو. گبد پولان ٽرانسميشن لائين وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ذاتي دلچسپي جي ڪري رڪارڊ مدي ۾ تعمير مڪمل ٿي آهي. ان ٽرانسميشن لائين جي مڪمل ٿيڻ سا?? ايران کان درآمد ٿيندڙ سستي بجلي جي مجموعي مقدار 204 ميگاواٽ ٿي وئي آهي. 132 ڪي وي جي ٽرانسميشن لائين کي اپ گريڊ ڪري 220 ڪي وي ڪيو ??يو آهي. چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ اهو منصوبو مڪمل ڪيو ??يو آهي. نئين ٽرانسميشن لائين سا?? بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ بجلي جي پهچ ۾ بهتري ايندي ۽ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ بجلي جي وڌيڪ مقدار ميسر ايندي. ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سا?? وزيراعظم شهباز شريف جو بلوچستان ۾ بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي جو واعدو پورو ٿي ??يو آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي پاران رديگ ۾ مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ 100 ميگاواٽ گبد پولان بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی