اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) پا??ستان قازقستان ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو دور آستانه قازقستان ۾ ٿيو. (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) بابت ايڊيشنل سيڪريٽري سيد احسن رضا شاهه پا??ستاني وفد جي ق??اد?? ڪئي جڏهن ته قازقستان جي پرڏيهي معاملن واري نائب وزير ڪنات تميش ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجي ملڪ جي ق??اد?? ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي طرفن مشاورت جي دوران سياسي ۽ سفارتي، واپاري، اقتصادي رابطن، سائنس ?? ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفن ل??ڳاپن جي مختلف رخن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڌرين علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل قومن، سيڪا، او آءِ سي، اي سي او ۽ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي فريم ورڪ ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جو پڻ جائزو ورتو. ڌرين ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ۽ ايندڙ مهيني جي شروع ۾ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي جي آجيان ڪئي. پا??ستان قازقستان ٻطرفي سياسي مشاورت ڌرين کي ٻطرفن ل??ڳاپن جي موجوده سطح جو ٺوس جائزووٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ٻنهي طرفن گڏيل دلچسپي جي نئين شعبن جي نشاندهي ڪئي ۽ ٻطرفن ل??ڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان قازقستان ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو دور آستانه ۾ ٿيو
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔