اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ٽي وي چينلز تي اهم قومي مسئلن تي عوامي بحث جي شروعات ٿيڻ گهرجي، اليڪشن جي تاريخ جي اعلان سان نگران حڪو??ت جي خلاف پروپئگنڊه جو خ??تمو ٿيندو، ملڪ ۾ بهتر ماحو?? جي فروغ جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، موجوده ڪابينا ۾ سمورا وزير پنهنجي شعبن ۾ ماهر آهن، نگران حڪومت کي عالمي برادري سان معاملا طئي ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه آهي، ڪوشش آهي ته ملڪ جنهن حالت ۾ مليو ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين چونڊيل حڪو??ت جي حوالي ڪري وڃون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي جي پروگرام ”رياست“ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات و??ري نگران وفاقي وزير چي?? ته زندگي جا سمورا تجربا ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ مددگار هوندا آهن، صحافت جي شعبي سان واڳيل رهڻ سان بطور اطلاعات و??ري نگران وزير ذميوارين جي ادائيگي ۾ آساني ٿي، مستقب?? جي حوالي سان مدو خ??م ٿيڻ کانپوءِ فيصلو ڪندس. هن چي?? ته ملڪي مسئلن جي حل لاءِ ٽي وي چينلز تي کليل بحث ٿيڻ گهرجي. قومي براڊ ڪاسٽنگ ميڊيا کي پبلڪ سروس پروائيڊر هجڻ گهرجي. هن چي?? ته اڄ مين اسٽريم ميڊيا ۾ انگريزي جو هڪ ئي ٽي وي چينل آهي جيڪو پي ٽي وي جو آهي، اسان کي ان جي معيار ۽ پروگرامن جي ڪوالٽي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته پي ٽي وي کي معيشت، پرڏيهي پاليسي، براڊ ڪاسٽنگ سميت اهم مسئلن تي عوامي بحث جي شروعات ڪرڻ گهرجي. ان ڳالهه تي بحث ٿيڻ گهرجي ته هي ملڪ ڪيئن اڳتي وڌندو. نگران وفاقي وزير چي?? ته ويزن ڏيڻ سياسي قيادت جو ڪم آهي، ان تي ضرور بحث ٿيڻ گهرجي. هن چي?? ته اسان جو مينڊيٽ نه آهي ته وڏن مسئلن تي پنهنجو ويزن ڏيون، اسان محدود اختيار سان محدود مدي جي حڪومت آهيون. اسان جو حلف آهي ته اسان سمورين سياسي قوتن کي برابر موقعا ڏيون، ڪنهن سان امتيازي سلوڪ نه ٿئي. هڪ سوا?? جي جواب ۾ هن چي?? ته اڄ تمام گهڻي خوشي جو ڏينهن آهي ته اليڪشن جو اعلان ٿي ويو آهي، اليڪشن منعقد ڪرڻ جي لاءِ ڪم تيزي سان ج??ري آهي، اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ڇڏيو آيه ته جنوري جي آخري هفتي ۾ اليڪشن ٿيندي. هن چي?? ته اڄ اليڪشن ڪميشن جي اعلان کانپوءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به تيزي آئي، اها ڳالهه يقيني آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايند?? ته معاشي استحڪام به ٿيندو. هن چي?? ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. اسان پنهنجون تجويزون اڳئين حڪومت ڏئي وينداسين. هن چي?? ته اسان جي ڪوشش آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا وڃن، اسان سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪريون ته جيئن ملڪ ۾ چونڊن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿي سگهي. هن چي?? ته رياستي ميديا کي ماڻهن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ گهرجي ته جيئن صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. مرتضيٰ سولنگي چي?? ته ميڊيا تي پابنديون نه هجڻ گهرجن پر خبر تي ادارتي ڪنٽرول ضرور هجڻ گهرجي ته جيئن ملڪ ۾ افراتفري جو ماحول پيدا نه ٿئي. هڪ سوال تي هن چي?? ته چونڊون ويجهو آهن، هر هڪ کي سياست ڪرڻي آهي، جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي سان زيادتي ٿئي ٿي ته شڪايت ڪرڻ تي ڪا پابندي نه آهي، عوام جي عدالت به کليل آهي، ميڊيا ۽ قانون جون عدالتون به کليل آهن. نگران وفاقي وزير چي?? ته گذريل حڪو??ت جي فيصلن تي عملدرآمد ڪرڻ اسان جي لاءِ لازمي آهي، اسان سياسي حڪومت نه آهيون، هڪ آئيني حڪومت آهي، اسان جو محدود مينڊيٽ آهي، آئين جي آرٽيڪل 224 تحت اسان جو وجود آهي، نگران حڪومت کي عالمي برادري سان معاملا طئي ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڏکيائي نه آهي. هن چي?? ته موجوده ڪابينا ۾ سمورا وزير پنهنجي شعبن ۾ ماهر آهن، اسان وٽ رياست جا ادارا به موجود آهن ۽ اهل ڪابينا به. اسان جي ڪوشش هوندي ته ملڪ جنهن حالت ۾ اسان کي مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ ڏئي وڃون. هن چي?? ته جيستائين ملڪ جي معيشت جا بنياد صحيح نه ٿيندا ملڪ ۾ خوشحالي نه ٿي اچي سگهي.
ٽي وي چينلز تي اهم قومي مسئلن تي عوامي بحث جي شروعات ٿيڻ گهرجي، اليڪشن جي تاريخ جي اعلان سان نگران حڪومت جي خلاف پروپئگنڊه جو خاتمو ٿيندو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : رومن دولت