گوانگ زو – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ڊيجيٽل دور ۾ مي??يا جي ترقي جي امڪانن کي اجاگر ڪندي رابطي جي موقعن، اسٽريٽجڪ مواد جي تخليق ۽ عالمي مباحثي مان فائدو کڻڻ تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته مي??يا جي ترقي جي لاءِ اظهار جي آزادي ۽ ذميواراڻي صحافت جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پنجين عالمي مي??يا سمٽ جي ذيلي فورم ۾ ”تبديلين کي قبول ڪرڻ: نئين ٽيڪنيڪي موقعن ۽ چئلينجز بابت مي??يا جو ردعمل“ جي موضوع تي خطاب ڪندي چيو ته مي??يا پنهنجي ڊيجيٽل موجودگي ۾ توسيع ۽ عالمي پهچ ۾ اضافي جي ذريعي آن لائين ٻڌندڙن کي وڌائڻ جي لاءِ فائدو کڻي س??هي ٿي. جديد دور جي چئلينجن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته موجوده ڊيجيٽل دور مي??يا کي اسٽريٽجڪ مواد تخليق ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا آهن جيڪي مختلف موقف جي عڪاسي ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سوشل مي??يا پليٽ فارمز ٻڌندڙن سان سڌوسنئون ڳالهه ??ولهه ۽ مشغوليت جا موقعا پڻ فراهم ڪيا آهن. هن چيو ته مي??يا وسيلن ۽ مهارت کي وڌائي ٻين ادارن سان تعاون مان پڻ فائدو کڻي س??هي ٿي، ان کانسواءِ آمدني پيدا ڪرڻ جي لاءِ آن لائين پليٽ فارمز بشمول سبسڪرپشنز، اشتهارن ۽ اسپانسر شده مواد جو فائدو کڻي س??هي ٿي. هن چيو ته مي??يا باخبر عوامي مباحثي ۽ شهري شموليت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري س??هي ٿي. هن عالمي شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته هڪ طرف ته موجوده ڊيجيٽل دور جي ڪري مي??يا جي وچ ۾ ”بريڪنگ نيوز“ جي ڊوڙ لڳل آهي جڏهن ته ٻئي طرف ٽيڪنيڪي ترقي پهچ ۾ توسيع ۽ ڪيترن ئي ڊيجيٽل پليٽ فارمز پاران مونيٽائيزيشن جي ذريعي آمدني ۾ اضافي جا ڪافي موقعا پيدا ڪيا آهن. عاصم کچي چيو ته جيڪڏهن ان کي روڪيو نه ويو ته جعلي خبرن جو چئلينج مي??يا جي ادارن جي ساک کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ اسٽريٽجڪ سماجي، سياسي ۽ سلامتي جي مسئلن جو سبب بڻجي س??هي ٿو. هن اظهار جي آزادي ۽ ذميواراڻي صحافت جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ تي زور ڏنو ج??ڪو مي??يا جي شعبي جي ترقي جي لاءِ تمام ضروري آهي. اي پي پي جي ايم ڊي چيو ته سوشل مي??يا پليٽ فارمز خبرن جي فوري نشر ۽ اشاعت ۽ ناظرين سان رابطي ڪاري کي فروغ ڏنو ۽ ان سان گڏوگڏ جديد انداز ۾ خبرن ۽ مواد جي تخليق جي لاءِ پڻ گنجائش فراهم ڪئي ۽ اهڙي طرح مي??يا جي وڌيڪ متحرڪ منظرنامي ۾ حصو ورتو جڏهن ته موقعن مان فائدو کڻڻ جي حد مختلف ٿي س??هي ٿي جيڪا ريگيوليٽري ماحول، ٽيڪنيڪي انفراسٽرڪچر ۽ صحافتي اخلاقيات جي پابندي جهڙن عملن کان متاثر ٿئي ٿي. هن چيو ته ڊيجيٽل مي??يا جي ترقي جي ڏس ۾ معاشي موزونيت هڪ ٻيو چئلينج آهي جيڪو ڪيترن ئي روايتي مي??يا ادارن کي درپيش آهي جنهن سان تيزي سان اسرندڙ ٽيڪنالاجيز ۽ پليٽ فارمز موجب منهن ڏئي سگهجي ٿو. اي پي پي جي حوالي سان هن حاضرين کي ٻڌايو ته چيني سميت ڪيترين ئي زبانن ۾ پنهنجي ٽيڪسٽ سروسز کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ نيوز ايجنسي پنهنجي ڊيجيٽيل دائري کي وڌائي سوشل مي??يا جي ذريعي پڙهندرن سان ڳنڍجي ملٽي مي??يا اسٽوري ٽيلنگ کي اختيار ڪري مختلف نيوز نيٽ ورڪس سان تعاون ڪري مي??يا جي جديد موقعن مان فائدو کڻي رهي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پنجين عالمي مي??يا سمٽ مي??يا جي شعبي ۾ هڪ ٻئي جي تجربن ۽ مهارت مان سکڻ ۾ مدد ڏيندي ۽ هن ڊيجيٽل دور ۾ مي??يا کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل بيانيو سامهون آڻيندي.
ڊيجيٽل دور ۾ ميڊيا جي ترقي جي امڪانن کي اجاگر ڪندي رابطي جي موقعن، اسٽريٽجڪ مواد جي تخليق ۽ عالمي مباحثي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي: ايم ڊي اي پي پي محمد عاصم کچي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی