اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪس??ان چيو آهي ته اسان جو خطو ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم مرڪز آهي، پاڪس??ان سدائين هڪ پرامن، خوشحال، مستحڪم ۽ ڳنڍيل افغانس??ان جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته جيئن افغانس??ان اسان جي خطي جي لاءِ واپاري ۽ توانائي جي رابطي جي رستي جي طور تي اڀري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪس??ان هلندڙ سال افغانس??ان ۾ امن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اجلاسن ۽ مڪينزم ۾ شرڪت ڪئي، پاڪس??ان افغانس??ان سان ڳالهه ٻولهه ۽ مشغوليت جي لاءِ پڻ پرعزم آهي ڇو ته ٻئي ملڪ خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون جون راهون ڳولي رهيا آهن. هن چيو ته اسان سيڪيورٽي ۽ بارڊر مئنيجمينٽ سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ افغان عملدارن سان رابطي ۾ آهيون. ترجمان چيو ته هلندڙ سال پاڪس??ان ايران لاڳاپن ۾ هڪ اهم سال هو. هن چيو ته مئي 2023ع ۾ ٻنهي ملڪن مند – پشين بارڊر مارڪيٽ پليس ۽ 220 ڪي وي پولان – گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن لائين منصوبن جو افتتاح ڪيو، ٻنهي ملڪن ٻطرفي اقتصادي مشاورت کي اداراجاتي بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ جون ۾ پنج سالا اسٽريٽجڪ واپاري تعاون جي منصوبي (2023- 28) تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ 5 ارب ڊالر جي ٻطرفي واپار جو هدف حاصل ڪيو وي?? آهي. هن چيو ته عل??ئقائي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي اسان جي ويزن جي تعميل ۾ پاڪس??ان وچ ايشيا جي ملڪن سان به پنهنجي مضبوط رابطن کي جاري رکيو جڏهن ته اي سي او جي ڏس ۾ پاڪس??ان واپار، چرپر، رابطي، توانائي، سياحت ۽ اقتصادي ترقي ۽ پي??اوار ۾ عل??ئقائي تعاون کي فروغ ڏنو.
اسان جو خطو ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم مرڪز آهي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش