اسلام ??باد – 29 – جنوري (اي پي پي) ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي دعوت تي صبح جو اسلام ??باد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانس??ان ۽ اولهه ايشيا) رحيم حيات قريشي معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب ايراني پرڏيهي وزير ان دوري دوران نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان به ملاقات ڪندو. اهو اعليٰ سطح جو دورو ان وقت ٿيو جڏهن ٻنهي ملڪن 22 جنوري تي پنهنجي گڏيل بيان ۾ اعلان ڪيو هو ته ٻنهي ملڪن جا سفير پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپس ويندا ۽ ايراني پرڏيهي وزير اسلام ??باد جو دورو ڪندو. ان کان اڳ ايران پاران هلندڙ مهيني ??اڪ????ان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا جنهن کانپوءِ ??اڪ????ان پاران ايران جي اندر ??اڪ??تاني ڄائي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ حملا ڪيا ويا.
ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی