اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ??لا??نڊ ڪرڪيٽ ٽيم دنيا کي خصوصي ماڻهن جي شاندار صلاحيتن کان متعارف ڪرايو آهي، ان جي ڀرپور حوصلا ا??زا??ي جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ??لا??نڊ ڪرڪيٽ ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته قومي ??لا??نڊ ڪرڪيٽ ٽيم عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي ۽ ٽورنامينٽس ۾ شرڪت ڪري اکين کان محروم ڪرڪيٽرز جي حوصلا ا??زا??ي ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ??لا??نڊ ڪرڪيٽ ٽيم دنيا کي خصوصي ماڻهن جي شاندار صلاحيتن کان متعارف ڪرايو، تازن سالن ۾ پاڪستان ۾ ??لا??نڊ ڪرڪيٽ خصوصي ڌيان ۽ سڃاڻپ حاصل ڪئي آهي. صدر چيو ته پاڪستان ??لا??نڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جو ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي مقابلن جي فروغ ۽ انعقاد جي لاءِ سرگ??م هجڻ خوش آئنده آهي، ??لا??نٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀرپور حوصلا ا??زا??ي جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??لا??نڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي جدوجهد ۽ ڪاميابين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪرڪيٽرز جي متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي کي ساراهڻ گهرجي. ان موقعي تي ٽيم مئنيجمينٽ صدر کي ٽيم جي تازي ڪارڪردگي بابت بريف ڪيو. پاڪستان ??لا??نڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ميمبرن حوصلا ا??زا??ي تي صدر ۽ خاتون اول جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ خاتون اول ثمينه عارف علوي پڻ موجود هئي.
پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم دنيا کي خصوصي ماڻهن جي شاندار صلاحيتن کان متعارف ڪرايو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات