اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جي ??لڪ گير مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي، ته هيپاٽائيٽس جي روڪٿام، سڃاڻپ ۽ علاج لاءِ ترت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت هيپاٽائٽس جي ڪري درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، هيپاٽائٽس سي جي خاتمي واري پروگرام تحت پاڪستان جي ??ر شهري کي هيپاٽائٽس سي جي ??اءِ اسڪريننگ ۽ علاج جي سهولتن تائين مفت رسائي حاصل هوندي. وزيراعظم چيو ته اسان کي ان بيماري کي ختم ڪرڻ ۽ سڀني لاءِ صحتمند ??ست??بل کي يقيني بنائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب هيپاٽائٽس کان آگاهي جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي پنهنجي ??يغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هلندڙ سال هيپاٽائٽس جي عالمي ڏينهن جو عنوان آهي ”هي عمل جو وقت آهي“ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان کي هيپاٽائٽس جي روڪٿام، سڃاڻپ ۽ علاج لاءِ ترت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄوڪو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان کي هيپاٽائٽس جي خاتمي جي حوالي سان قدمن ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي، اسان ??ي سڀني لاءِ صحتمند ??ست??بل کي يقيني بنائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هيپاٽائٽس هڪ خاموش وبا آهي جيڪا سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهن کي متاثر ڪري ٿي جنهن سان جگر ۾ سوج پيدا ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن ترت علاج نه ٿئي ته امڪان?? طور شديد پيچيدگيون پيدا ٿي سگهن ٿيون، پاڪستان ۾ آبادي جو وڏو حصو هيپاٽائٽس سي انفيڪشن سبب متاثر آهي. عالمي سطح تي 60 ملين هيپاٽائٽس سي ڪيسز مان 10 ملين متاثرن جا ڪيسز پاڪستان ۾ موجود آهن، خدشو آهي ته جيڪڏهن وائرل هيپاٽائٽس جي روڪٿام ۽ خاتمي لاءِ ضروري قدم نه کنيا ويا ته اسان جگر جي ڪينسر جي ??با به ڏسي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته قوم جي حيثيت سان اسان آگاهي مهم، ويڪسينيشن پروگرامز، جاچ ۽ علاج تائين بهتر پهچ لاءِ وائرل هيپاٽائٽس کي منهن ڏيڻ ۾ گهڻي اڳڀرائي ڪئي آهي پر اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. اسان کي هيپاٽائٽس جي روڪٿام کي ترجيح ڏيڻي آهي. جلد سڃاڻپ کي يقيني بنائڻ ۽ سڀني جي ??اءِ سستو ۽ پهچ جوڳو علاج فراهم ڪرڻو آهي. هن چيو ته وزيراعليٰ پنجاب جي حيثيت سان منهنجي دور ۾ پاڪستان ڪڊني اينڊ لور ٽرانسپلانٽ انسٽيٽيوٽ جو قيام عمل ۾ آندو ويو جيڪا اهم اڳڀرائي آهي. پنجاب جي سمورن 36 ضلعن ۾ هيپاٽائٽس جي حوالي سان جديد فلٽر ڪلينڪس سان گڏوگڏ گڙدي ۽ جيري جي ??ريضن کي جديد ترين طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته حڪومت هيپاٽائٽس جي ڪري درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، ان حوالي سان مون کي هڪ ملڪ گير مهم، جنهن جو مقصد هيپاٽائٽس سي جو خاتمو آهي، جو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. اسان جو ڌيان جاچ ۽ علاج جي ??رڪزن جي بهتري تي هوندو، ان ڳالهه کي يقيني بنايو ويندو ته فراهم ٿيندڙ خدمتون اسان جي شهرين جي ضرورتن موجب هجن. وزيراعظم چيو ته يقين ڏياريان ٿو ته ملڪ جي ??ر شهري کي هيپاٽائٽس سي جي ??اءِ اسڪريننگ ۽ علاج جي سهولتن تائين مفت رسائي حاصل ٿيندي، ان قدم جو بنيادي مقصد ايڇ سي وي کان متاثر ماڻهن جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ ڪوششن کي بهتر ڪرڻو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي ??قصانن کي گهٽائڻ، جگر جي ڪينسر ۽ ان بيماري جي ڪري فوتگين جي خدشن کي گهٽ ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ”اچو، هيپاٽائٽس جي ??ن عالمي ڏينهن تي، اسان هيپاٽائٽس جي حوالي سان آگاهي، وائرل هيپاٽائٽس کان متاثر ماڻهن جي ??دد ڪرڻ ۽ ان بيماري جي بار کان آزاد ??ست??بل جي ??اءِ ڪم ڪرڻ جي ??نهنجي ڪوششن ۾ متحد ٿيون، اسان سڀ گڏجي ??ڪ صحتمند ۽ خوشحال قوم بڻجي سگهون ٿا“.
پاڪستان جي هر شهري کي هيپاٽائيٽس سي لاءِ اسڪريننگ ۽ علاج جي سهولتن تائين مفت پهچ حاصل ٿيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔