اسلام آباد-04-سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد م??اق??ت ڪئي جنهن ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي ۽ فرقيواريت جي خاتمي، مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ بين المسالڪ اتحاد کي هٿي ڏيڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته دهشتگردي جو ڪو به دين ۽ مذهب ناهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عا??م سڳورن پهرين به قوم جي رهنمائي ڪئي ۽ هاڻي به ان جي سخت ضرورت آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ موثر بياني لاءِ سمورن فرقن جي عا??من سان مشاورت ڪئي ويندي. هن چيو ته عا??م سڳورن سان مشاورت جي قومي مهم جو جلد آغاز ڪيو ويندو. دهشتگردي خلاف جنگ پا??ستان جي بقاءَ جي جنگ آهي، ان ناسور جي خاتمي لاءِ عا??م سڳورن کي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو عظيم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. عا??م سڳورن هميشه پا??ستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته دشمن بدامني پکيڙي ڏڦيڙ پيدا ڪري قومي يڪجهتي کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو. سڀئي گڏجي دشمن جي ناپاڪ ايجندا کي ناڪام بڻائينداسين. مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته پيغام پا??ستان، پا??ستان جو اهو عظيم بيانيو آهي جنهن دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ فرقيواريت کي حرام قرار ڏنو آهي. موجوده حالتن ۾ بين المسالڪ ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پا??ستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ گهرو وزير جون ڪوششون ۽ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. هن چيو ته دهشتگردي، انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پوري قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. گهرو وزير محسن نقوي مولانا عبدالخبير آزاد جي مذهبي هم آهنگي، اتحاد ۽ وحدت جي حوالي سان خدمتن کي ساراهيو.
دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اثرائتي بياني لاءِ سمورن فرقن جي عالم سڳورن سان مشاورت ڪئي ويندي: گهرو وزير محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز