اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) ق??اخ??تان جو وزيراعظم اوالزاس بيڪ تينوف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان پهچي ويو. اسلام آباد انٽرني??نل ايئرپورٽ تي مواصلات ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ ٻين اعليٰ ??مل??ارن مهمان وزيراعظم جي شاندار ريڊ ڪارپيٽ آجيان ڪئي.
ان موقعي تي روايتي لباس پهرين ٻارن کيس گدستو پيش ڪيو. ق??اخ??تان جي وزيراعظم جي اچڻ جي موقعي تي نجڪاري واري وفاقي وزير ۽ مهمان وزيراعظم جي وچ ۾ خيرسگالي جي جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. پاڪستان ۾ ق??اخ??تان جي سفارتخاني جا اعليٰ سفارتي ??مل??ار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ق??اخ??تان جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي دو??تي جي فروغ ۽ علائقائي تعاون ۾ اهم قدم آهي. ايس سي او اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن جي شرڪت سان علائقائي امن جي اميد وڌي وئي آهي.