اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 29 کان 30 آڪٽوبر تائين سعودي عرب جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??ياض ۾ منعقد ٿيندڙ فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جي اٺين ايڊيشن ۾ شرڪت ڪندو، ڪابينا جا اهم ميمبر پڻ وزيراعظم ??ان گڏ هوندا. فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ملڪن جي لاءِ معاشي طاقت کي ظاهر ڪرڻ، غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ هڪ پائيدار مستقبل جي جوڙجڪ جي لاءِ مڪالمي ۾ مشغول ٿيڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم جي طور تي ڪم ڪري ٿو. هن سال جي فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جو ٿيم ”انفينيٽ هورائزنز: انويسٽنگ ٽو ڊي، شپنگ ٽو مور“ آهي جيڪو عالمي سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندو جنهن جو مقصد مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، تعليم، توانائي، خلا، ماليات، صحت جي س??رسنڀال ۽ پائيداري جهڙن اهم مسئلن کي حل ڪرڻ آهي. بيان موجب وزيراعظم ??ي س??ودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان ۽ ٻين اعليٰ سعودي عملدارن سان اهم ٻطرفي ڳالهه ٻولهه متوقع آهي. ڌريون پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي ۽ تزويراتي ح??يداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون ۽ اقتصادي، توانائي ۽ دف??عي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي غور ڪنديون. وزيراعظم ??ي فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جي اٺين ايڊيشن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن ۽ ڪاروباري ماڻهن سان ملاقات پڻ متوقع آهي.
وزيراعظم 29 کان 30 آڪٽوبر تائين سعودي عرب جو سرڪاري دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ