اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته آئين اظهار جي آزادي، صحافت جي آزادي ۽ معلومات تائين پهچ جو حق ڏئي ٿو، حڪومت ان کي يقيني بڻائي ٿي، امن کان ??لا??ه، تڪرارن ۽ جنگ دوران صحافي پنهنجي جان خطري ۾ وجهي رپورٽنگ جو فرض ادا ڪندا آهن، ??حافين جي تحفظ کانسواءِ صحافت جي آزادي ممڪن ناهي. وزيراعظم آفيس پريس ونگ مطابق صحافين خلاف ڏوهن جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چي?? ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ صحافي ماڻهن کي باخبر رکڻ لاءِ ڏينهن رات مصروف رهن ٿا، بدقسمتي سان صحافين کي سچ ڳالهائڻ تي مختلف خطرا، مصيبتن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، امن کان ??لا??ه تڪرارن ۽ جنگن دوران به صحافي پنهنجي جان خطري ۾ وجهي رپورٽنگ جو فرض ادا ڪندا رهن ٿا. وزيراعظم چي?? ته سچ ڳالهائيندڙ صحافين کي پابندين، ??شدد، ڌمڪين، ??غوا ۽ قتل جهڙن خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن چي?? ته غزه ۾ بين الاقوامي ڪنوينشنز باوجود درجنين صحافين کي ڄاڻي واڻي قتل ڪري سچ جو رستو روڪيو ويو، صحافين جي قتل عام تي عالمي برادري ۽ بين الاقوامي تنظيمن کي گهرجي ته اسرائيل کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارن. وزيراعظم وڌيڪ چي?? ته صحافين جي تحفظ کانسواءِ صحافت جي آزادي ممڪن ناهي، اسانجي حڪومت صحافين جي تحفظ ۽ انهن جي حقن جي پاسداري لاءِ ترجيحي قدم کنيا آهن. هن چي?? ته پاڪستاني صحافين جمهوريت، آئين جي پاسداري ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون. وزيراعظم شهباز شريف چي?? ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي تحفظ جو ايڪٽ 2021 پاس ڪيو ويو آهي ۽ صحافين لاءِ هيلٿ انشورنس به وفاقي حڪومت جو صحافين جي تحفظ لاءِ هڪ اهم قدم آهي، پاڪستان ۾ صحافين خلاف ڏوهن کي روڪڻ، ڏوهه ڪندڙن جي سزا کي يقيني بڻائڻ ۽ صحافين جي تحفظ لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم شهباز شريف چي?? ته پاڪستان جو آئين راءِ جي اظهار جي آزادي، صحافت جي آزادي ۽ معلومات تائين پهچ جو حق ڏئي ٿو ۽ پاڪستان جي حڪومت ان کي يقيني بڻائي ٿي.
آئين راءِ جي اظهار جي آزادي، صحافت جي آزادي ۽ معلومات تائين پهچ جو حق ڏئي ٿو: وزيراعظم شهباز شريف طرفان صحافين خلاف ڏوهن جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پيغام
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena