اسلام آباد- 13 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائ??ن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائ??ن ۾ ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۽ پنجاب جي اڪثر علائ??ن ۾ سموگ/ ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ ۽ سخت ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق اڄ خميس ڏينهن گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن ۽ گجگو?? سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي جڏهن ته ام/ رات ۾ خيبر پختونخوا جي هيٺائين وارن ۽ پنجاب جي مٿانهين وارن علائ??ن ۾ تيز هوائن ۽ گجگو?? سان برسات ڪجهه هنڌن تي برسات ٿي سگهي ٿي. پنجاب جي اڪثر علائ??ن ۾ سموگ ڇائنيل رهڻ جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ۾ سخت ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائ??ن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائ??ن ۾ ٿڌ رهي. پنجاب جا اڪثر علائقا سموگ/ ڪوهيڙي هيٺ رهيا. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ڪاٽو 04، اسڪردو ۽ قلات ۾ ٻڙي ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جابلو علائقن ۾ ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر