واشنگٽن-20 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته اسرائيل ۽ يوڪرين جي جنگين ۾ ڪاميابي آمريڪا جي نيشنل سيڪيورٽي لاءِ تمام اهم آهي. سعودي ميڊيا ذريعن موجب وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڪانگريس تي اسرائيل ۽ يوڪرين لاءِ اربين ڊالرن جي فوج?? امداد منظور ڪرڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته هو ڪانگريس ۾ تقريبن 100 ارب ڊالرن جي فور?? امداد جي درخواست منظوري لاءِ موڪليندو جيڪا ايندڙ هڪ سال دوران ڏني ويندي، امداد جي هن تجويز ۾ يوڪرين، اسرائيل ۽ تائيوان لاءِ رقم، انسان?? امداد ۽ بارڊر مينيجمينٽ شامل آهي. جوبائيڊن چيو ته هي هڪ زبردست سيڙپڪاري آهي جيڪا آمريڪا جي ايندڙ نسلن جي سيڪيورٽي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. آمريڪي صدر اميد ظاهر ڪئي ته انهن سمورن معاملن تي هڪ ئي قانونسازي جو مسودو تيار ڪرڻ کانپوءِ ڪانگريس کان منظوري لاءِ ضروري سياسي سهڪار پيدا ڪري سگهجي ٿو. صدر بائيڊن اها تقرير اسرائيل جي دوري کان واپس اچڻ تي ڪئي آهي جنهن ۾ هن حماس خلاف ويڙهه ۾ پنهنجي اتحادي ملڪن جي ??رپ??ر امداد جو اعلان ۽ يڪهتي جو اظهار ڪيو. وائيس هائوس مان جاري بيان موجب تقرير کان اڳ آمريڪي صدر يوڪرين جي صدر سان ڳالهيون ڪيون ۽ کيس پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائي.
اسرائيل ۽ يوڪرين جنگين ۾ ڪاميابي آمريڪا جي نيشنل سيڪيورٽي لاءِ اهم آهي: جوبائيڊن
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو