بيجنگ – 19 اپريل (اي پي پي) چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي گادي وار?? شهر هواوي جي نمائشي مرڪز جو دورو ڪيو ۽ انهن جي منصوبن ۽ پاڪستان سان شراڪتداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستاني سفير خليل هاشمي جي آمد تي سندس ڀرپور آجيان ڪئي وئي ۽ کيس ٻڌايو ويو ته پاڪستان?? شهرين جو وڏو انگ هواوي ۾ نوڪري ڪري ٿو. ان موقعي تي ڪمرشل قونصلر غلام قادر، سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي قونصلر خان محمد وزير ۽ سفارتخاني جون ٻيون اختياريون پڻ موجود هيون. پاڪستاني سفير دوري کانپوءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته کيس بيجنگ ۾ هواوي نمائشي مرڪز جو دورو ڪري ۽ پاڪستان سان منصوبن ۽ شراڪتداري تي ڳالهه ٻولهه ڪري تم??م گهڻي خوشي ٿي آهي.اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته هواوي ۾ نوڪري ڪندڙ پ??ڏيهين جو سڀني کان وڏو گروپ پاڪستان?? شهري آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل