اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي معاشري جي غريب ط??قن کي رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ قومي صحت ۽ خدمتن واري وزارت کي وزيراعظم جي قومي صحت جي پروگرام ??ي ملڪ جي سمورن حصن تائين توسيع ڏيڻ ۽ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم هي هدايت هتي وزيراعظم آفيس ۾ قومي صحت ۽ خدمتن واري وزارت جي معاملن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني، اجلاس ۾ وفاقي وزير سائره افضل تارڙ ۽ وزارت جي ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش