لاهور – 16 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ذهني ۽ نفسياتي مرضن ۾ مبتلا ماڻهن جي علاج لاءِ جديد کوجنا ۽ طريقيڪار کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته نفسياتي مرضن ۽ مسئلن جو شڪ??ر ماڻهن جي علاج ۾ نفسياتي ماهرن جي محبت واري ر??يي سان گڏوگڏ مريض جي مائٽن ۽ دوستن جو تعاون پڻ اه??يت رکندڙ هوندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ پاڪستان ??ائيڪاٽرسٽ سوسائٽي جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيندڙ 22 هين عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ ذهني ۽ نفسياتي مرضن جي حوالي سان ??جيب قسم جا منفي تصور موجود آهن جن جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي ڇو ته انهن بيمارين ۽ مسئلن جو موثر علاج موجود هوندو آهي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ