انقره، دمشق- 6 فيبروري(اي پي پي) ترڪيه ۽ شام ۾ 7.8 شدت جي زل??لي سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 500 ٿي ويو آهي. برطانوي خابرو اداري مطابق ترڪ نائب صدر چيو آهي ته ملڪ ۾ زل??لي سبب هاڻي ت??ئين 284 فوتگين جي ت??ديق ٿي آهي جڏهن ته 2323 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. ٻئي پاسي شام جي صحت وزارت جو چوڻ آهي ته هاڻي ت??ئين زل??لي سبب 237 ڄڻا فوت ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آ??ن. ??رڪ حڪومت هنگامي حالتون لاڳو ڪندي عالمي امداد جي اپيل ڪئي آهي. ٻنهي ملڪن ۾ زل??لي جي شديد تباهي بعد امدادي سرگرميون جاري آهن. واضح رهي ته زل??لي جي لوڏن سا?? ترڪيه جي گهٽ ۾ گهٽ 10 شهرن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ڪري ت??اه ٿيون آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ڀنجهو هيٺ دٻيل ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ جون ڪوششون جاري آ??ن. ??رڪ حڪومت هنگامي حالتن جو اعلان ڪندي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو موبائيل فون استعمال نه ڪن ته جئين امدادي ڪارڪنن کي رابطن ۾ مشڪلاتون پيش نه اچن.
ترڪيه ۽ شام ۾ 7.8 شدت جو زلزلو، 500 ڄڻا فوت، هزارين زخمي
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن