گڏيل قومون-05 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي اداري او سي ايڇ اي ڏکڻ غزه ۾ شديد اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان جي تصديق ڪئي آهي. او سي ايڇ طرفان جاري رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته ڏکڻ غزه ۾ ??فت?? جي پڄاڻيءَ دوران اسرائيلي بمباري سان سَوين شهادتن اتي پناهه وٺندڙ فلسطينين لاءِ ڳڻتيءَ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. امدادي ٽيمن جي چُرپر ان??ها??ي محدود ۽ اُتر تائين رسائي هاڻ مڪمل طور تي بند آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته گذريل ڏينهن غزه تي اسرائيلي بمباري سان گهٽ ۾ گهٽ 316 ڄڻا شهيد ۽ 664 زخمي ٿيا آهن. فلسطيني پناهگيرن جي حوالي سان گڏيل قومن جي اداري يو اين ڊبليو آر اي چيو آهي ته ڏاکڻي علائقي رفح تي اسرائيلي جي فضائي حملن ذريعي ماڻهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. يو اين ڊبليو آر اي جي معاملن بابت ڊائريڪٽر ٿامس وائيٽ ٻُڌايو ته ماڻهو پاڻ کي محفوظ ??نڌن لاءِ واجهائي رهيا آهن پر اسان وٽ انهن کي محفوظ ??نڌن تائين رسائڻ لاءِ ڪجهه ناهي.
گڏيل قومن جي اداري غزه جي ڏکڻ ۾ اسرائيلي بمباري سان وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان جي تصديق
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania