رياض-05 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب ۾ مختلف شعبن ۾ ملڪ کي فائدو پهچائيندڙ ڪيترن ئي سائنسدانن، ڊاڪٽرن، محققن، انوويٽرز، ڪاروباري شخصيتن ۽ غير معمولي صلاحيتون رکندڙ ماڻهن کي سعودي شهريت ڏيڻ جو شاهي فرمان جاري ڪري ڇڏيو آهي. هڪ خابرُو اداري ا?? شاهي فرمان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته جن ماڻهن کي شهريت ڏني وئي آهي ا??هن قانوني، طبي ، سائنسي ، ثقافتي ، راندين ?? ٽيڪن??ڪي شعبن ۾ ملڪ کي فائدو پهچايو آهي. ان کان علاوه اهو ويزن 2030ع جو حصو آهي جنهن جو مقصد پر ڪشش ماحول کي وڌائڻ آهي جنهن ذريعي ا??ساني صلاحيتن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهجي ٿي ۽ مشهور ۽ تخليقي ماڻهن کي راغب ڪري سگهجي ٿو . بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها مم??ڪت جي ا?? منصوبي ۾ توسيع آهي جنهن ۾ غير معمولي مهارتون رکندڙ ماڻهن ۽ مالڪن کي راغب ڪرڻ آهي جيڪي مم??ڪت ۾ اقتصادي ، صحت ، ثقافتي ، راندين ?? انوويٽرز جي ترقي جي ڪوشش ۾ هڪ معياري اضافو ڪري سگهن ٿا . ان کان اڳ 2021ع ۾ سعودي عرب شاهي فرمان ذريعي ا??ڙن نمايان ۽ غير معمولي ماڻهن کي سعودي شهريت ڏني هئي . نومبر 2021ع ۾ سعودي عرب جي شهريت حاصل ڪندڙ ۾ ڪيترن شعبن سان تعلق رکندڙ 27 ماڻهو شامل آهن جن ۾ مشهور اسلامڪ اسڪالرز ، ڊاڪٽرز ۽ تعليم جي شعبي جا ماهر شامل آهن.
سعودي عرب ۾ سائنسدانن، ڊاڪٽرن سميت ڪيترن ماڻهن کي شهريت ڏيڻ جو شاهي فرمان جاري
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل