بيروت _ 29 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا سميت نيٽو جي ڪيترن ميمبر ملڪن لبنان ۾ موجود پنهنجن ??هرين کي چيو آهي ته اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ امڪاني طور تي ڀرپور جنگ کي نظر ۾ رکندي فوري طورتي ملڪ ڇڏي ڏين. ڇنڇر تي اسرائيل جي قبضي هيٺ گولان جي ??بل?? واري شهر مجدان شمس ۾ راڪيٽ حملي ۾ 12 ماڻهن مارجي وڃڻ بعد خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ??يو آهي. اسرائيلي ڊي??نس فورسز دعوى ڪئي آهي ته اهو ايراني ساخت جو ميزائل هو جنهن کي حزب الله ڏکڻ لبنان مان فائر ڪيو هو پر حزب الله ان حملي ۾ ملوث ٿيڻ کان انڪار ڪيو. بيروت ۾ آمريڪي سفارتخاني طرفان جاري ايڊوائزري ۾ آمريڪي شهرين تي زور ڏنو ويو آهي ته هو لبنان جي سفر تي سختي سان نظر ثاني ڪن ڇو جو ملڪ ۾ سيڪيورٽي صورتحال خراب ٿي ??ئي آهي ۽ تيزي سان تبديل ٿي سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون