لاهور – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز ??ريف چيو آهي ته حڪومت عوام جي ڀلائي، معاشي ذميوارين سان گڏوگڏ ثقافتي ۽ تاريخي ورثي جي حفاظت جون ذميوارين بهتر طريقي سان پوريون ڪري رهي آهي پر ماضي جي حڪومتن پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪيون جنهن تي عوام کي ماضي جي حڪمرانن کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي جيڪي ملڪ کي اونداهي طرف وٺي ويا. هو گريٽر اقبال پارڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري ر??يو هو. وزيراعظم محمد نواز ??ريف چيو ته اهو لکي هڻڻ گهرجي ته گريٽر اقبال پارڪ ڪنهن ڌرڻي جي جاءِ نه ??هي ڇو ته ڌرڻي وارا اهڙين جاين جي ڳولا ۾ رهندا آهن، هن چيو ته هن وقت ٽي سال اڳ واريون حالتون نه ??هن پر ملڪ ۾ تبديلي ۽ خوشحالي اچي رهي آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت توانائي جا منصوبا شروع ??يا جنهن سان ملڪ روشن ٿيو آهي ۽ روشنيو?? بحال ٿي رهيون آهن.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق