اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جا??ي ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جا??ي ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 394 مريضن جا ٽ??سٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض سڄي ملڪ جي اسپت??لن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران 20 هزار 980 ڪورونا جا ٽ??سٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 8 هزار 999، پنجاب ۾ 6 هزار 378، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 560، اسلام آباد ۾ 2 هزار، 274 بلوچستان ۾ 271، گلگت بلتستان ۾ 209، آزاد ڪشمير ۾ 289 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا کان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 86 هزار 16 ٿي چڪي آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 87 ڪورونا جا مريض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 542 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 98 هزار 903 آهي .
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام