اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته (ن) ليگ جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق جو اڀي نند?? جي حوالي سان بيان، پي ڊي ايم جي گجرانوالا جلسي ۾ عدالتي مفرور مجرم جي تقرير، ڪراچي ۾ مزار قائد جي بي حرمتي ۽ بلوچستان ۾ آزاد بلوچستان جو نعرو آئي?? جي آرٽيڪل 19 جي سراسري خلاف ورزي آهي، جيڪڏهن اياز صادق ۽ پي ڊي ايم قيادت پارليامينٽ ۾ بيهي انهن شين تي معافي نه گهري ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، اياز صادق جي بيان تي ڀارت ۾ م??ايون ورهايون پيون وڃن، ن ليگ ثابت ڪري ڇڏيو ته هو پنهنجي ذاتي مفاد?? جي لاءِ هر حد عبور ڪري وٺندي، اڄ اسان کي طئي ڪرڻو پوندو ته پاڪستا?? جي سياست ذات بدران ملڪي مفاد?? جي چوڌاري گهمندي، مريم نواز، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان سميت ڪنهن به اڳوان آزاد بلوچستا?? جي نعري تي نه ندامت ڪئي ۽ نه ئي وري مذمت ڪئي آهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته پي ڊي ايم جو بيانيو ئي دشم?? جي بياني کي فروغ ڏيڻ آهي، اهو سڀ ڪرپشن زده ماڻهو ۽ عدالت کي گهربل مجرم، دشم?? جي بياني کي فروغ ڏئي رهيا آهن، پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ڊرامي جو مقصد ادارن تي دٻاءُ وجهي ڪيس واپس وٺڻ ۽ سينيٽ جي اليڪشن کي متاثر ڪرڻ آهي، وزيراعظم عمران خان انهن کي ڪنهن به صورت ۾ محفوظ رستو نه ڏيندو ۽ نه ئي کين اين آر او ملندو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.
اياز صادق ۽ پي ڊي ايم قيادت معافي نه ورتي ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن