اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياست جديد فلاحي رياست هئي، اتي ڪو قانون کان مٿانهون نه هو، تعليمي ادارن ۾ سيرت النبي صه جو مضمون پڙهائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، مديني جي رياست جي سنهري اصولن تي جنهن قوم به عمل ڪيو ان ڪاميابي حاصل ڪئي، حضور پاڪ صه جو آخري خطبو هيومن رائيٽس چارٽر جو عظيم مثال ??هي، اسلامو فوبيا جا واقعا مسلمان امت جي لاءِ تڪ??يف ڏيندڙ آهن، گستاخانا مواد جي ڇپائي مسلمانن جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ تڪ??يف ڏيندڙ آهي، اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي لاءِ مسلمان ملڪن جي سربراهن کي گڏجي آواز بلند ڪرڻو پون??و. ??وام سان ٽيليفون تي سڌوسنئون ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مسلمانن جي وڏي بدقسمتي آهي جو 1989ع کان جڏهن سلمان رشدي ڪتاب لکيو ۽ ان اسان جي نبي صه جي شان ۾ گستاخي ڪئي تڏهن کان اولهه جي اندر گذريل 30 سالن کان اسان جي نبي صه جي شان ۾ گستاخي جو سلسلو شروع ٿيو، اهڙي طرح جي ح??ڪت?? سان مسلمانن کي تڪ??يف پهتي هئي ۽ ماڻهو رستن تي نڪتا هئا، ڇو ته اولهه کي ان شيءَ جي سمجهه نه هئي، اهي بلڪل دين کي ٻي طرح وٺندا هئا، جهڙي طرح اسان وٺون ٿا هو ائين نه ٿا وٺن، نه ئي انهن کي سمجهه آهي ته مسلمانن کي ڪيتري تڪ??يف پهچي ٿي، ڪيئن نبي صه اسان جي دلين ۾ رهن ٿا اسان کي پنهنجي فيملي کان وڌيڪ تڪ??يف ٿئي ٿي، ڪا شيءَ اسان کي ايتري تڪ??يف نه ٿي ڏي جيتري حضور صه جي شان ۾ گستاخي تڪ??يف ڏي ٿي، پر اولهه کي اها شيءَ سمجهه ۾ نه ٿي اچي، ڇو ته اهي چون ٿا ته اظهار راءِ جي آزادي آهي، اظهار راءِ جي آزادي جي نالي تي جيڪو به ڪن جيتوڻيڪ اتي ڪيتريون ئي شيون اظهار راءِ جي آزادي ۾ نه ٿيون اچن، جڏهن وزيراعظم بڻيس ته پهرين او آءِ سي ۾ ان ايشو کي اٿاريو پوءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ ان کي اٿاريو، ملائيشين وزيراعظم ۽ ترڪ صدر سان گڏجي ان تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ڪيترائي ماڻهو ڄاڻي واڻي فتنو ڪن ٿا.
مديني جي رياست جديد فلاحي رياست هئي: وزيراعظم عمران خان جي عوام سان ٽيليفون تي سڌوسنئون ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز