اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميرات جو شعبو ملڪي ترقي ۽ معاشي واڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، س??ور?? لاڳاپيل وفاقي کاتا ۽ صوبائي حڪومتون سيڙپڪارن جا مسئلا فوري حل ڪن، زراعت جي استعمال هيٺ ۽ ٻيلن جي لاءِ مختص زمين ڪنهن به صورت ۾ تعميرات جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، هلندڙ سال چوماسي جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم لاءِ تياري ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي هائوسنگ، تعيمرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، ملڪ امين، ڊاڪٽر وقار م??عود، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر باقر رضا، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ ??نر?? (ر) انور علي حيدر، سرويئر ??نر?? آف پاڪستان ميجر ??نر?? شاهد پرويز، سي ڊي اي چيئرمين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽرين ۽ نمائندن وڊيو لنڪ ذريعي شر??ڪ ٿيا، سي ڊي اي چيئرمي?? اجلاس کي آگاهه ڪيو ته سي ڊي اي جي آن لائن پورٽل جاري ڪيو ويو آهي ان ۾ وڌيڪ بهتري آندي ويندي، ان کانسواءِ ون ونڊو فسيليٽيشن سينٽر به جلد قائم ٿي رهيو آهي جنهن ۾ شهرين جي لاءِ زمين جي منتقلي، فيس جي ادائيگي ۽ رهنمائي جي سهولت فراهم ڪئي ويندي
تعميرات جو شعبو ملڪي ترقي ۽ معاشي واڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو