اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان اڄ سومر ڏينهن لاهور ۾ مياواڪي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. 10 ارب سونامي منصوبي تحت مون سون ۾ وڻڪ??ري جي لاءِ وزيراعظم ??نيا جي سڀ کان وڏي مياواڪي فاريسٽ جو افتتاح ڪرڻ جي لاءِ لاهور جو دورو ڪندو. اهو فاريسٽ 100 ڪينال تي ٺاهيو ويو آهي جڏهن ته ان ۾ هڪ لک 65 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا جيڪي منفرد مياواڪي ٽيڪنالاجي سان معمول جي وڻن جي مقابلي ۾ 10 ڀيرا جلد وڏا ٿيندڙ ٻوٽا آهن. شهري ٻيلا تيزي سان پوکڻ جي لاءِ مخصوص زمين جي تي??ري س??ن گڏوگڏ مختلف قسمن کي مختلف واڌويجهه جي شرح سان استعمال ۾ آندو پيو وڃي. لاهور جي مختلف حصن ۾ مياواڪي جي 53 ٻيلن جي نشاندهي مختلف جاين تي ڪئي وئي آهي جنهن سان ڪاربن ?? گهٽتائي س??ن گڏوگڏ شهري آلودگي ۾ گهٽتائي آڻي سگهبي. وزيراعظم ??مران خان لاهور جي آلودگي کان پاڪ ۽ باغن جي شهر جي تجديد ۽ بحالي جي لاءِ پرعزم آهي. موجوده مون سون دوران سڄي ملڪ ۾ 50 ڪروڙ ٻوٽا لڳايا پيا وڃن جيڪا پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي وڻڪ??ري آهي.
وزيراعظم عمران خان اڄ لاهور ۾ مياواڪي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪندو
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea