اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آهن، قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار تاريخ جو حصو آهي، ??ار ايسوسيئيشنز جي سياست آزاداڻي هجڻ گهرجي، ??ڪومت ۽ سياسي پارٽين جي ان ۾ ڪا مداخلت نه هجي، ??يندڙ دور ڊيجيٽل آهي، ليگل سسٽم جي مضبوطي جي لاءِ ريفارمز ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته ملڪي مفاد بار ايسوسيئيشنز سميت اسان سڀني جي لاءِ مٿانهون اهي، ??ڪو??ت بار ايسوسيئيشنز جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ پرعزم آهي. چوڌري ف??اد حسين چيو ته اسان هر سطح تي وڪيلن سان گڏ بيٺل آهيون، آئين ۽ قانون جي سربلندي جي لاءِ وڪيلن جون اڻٿڪ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن بار ايسوسيئيشن تي زور ڏنو ته اها التوا هيٺ ڪيس جلد اڪلائڻ جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته بار ايسوسيئيشن جي هڪ اهڙي باڊي هجڻ گهرجي جيڪا سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي فيصلن جي ڀيٽ ڪري. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته وڪيل برادري جي مسئلن کان آگاهه آهيون، وڪيلن جي مسئلن جو حل اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل صدر چوڌري محمد احسن ڀون، نائب صدر (پنجاب) خاور اڪرام ڀٽي، ??يڪريٽري وسيم ممتاز ملڪ، چوڌري رياست علي گوندل ايڊيشنل سيڪريٽ??ي، سينيٽر علي ظفر، پاڪستان بار ڪائونسل جي عهديدارن طاهر نصرالله وڙائچ، حفيظ الرحمان چوڌ??ي، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻن سيڪريٽرين راڻا شهزاد ۽ صفدر حسين تارڙ، ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان وڙائچ، نائب صدر (سنڌ) عزيز احمد خان، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر (سنڌ) جان علي جوڻيجو، ذوالفقار حيدر شاهه، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر (پنجاب) راڻا اختر علي، چوڌري طارق جاويد ۽ اوورسيز پاڪستانيز فورم جي چيئرمين محمد ساجد تارڙ شرڪت ڪئي.
وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آهن، قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار تاريخ جو حصو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ