اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي قومن جي ??ڏيل ترقي لاءِ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ نظم ۽ ضبط کي اڻٽر قرار ڏيندي شاگردن تي زور ڏنو آهي ته هو پنهنجي تهذيب ۽ قدرن جي باري ۾ آگاهي حاصل ڪن ۽ قائداعظم جي فرمان ”ايمان، اتحاد ۽ تنظيم“ جي عملي تصوير بڻجن، جديد دور ۾ علم حاصل ڪرڻ جا ذريعا بدلجي ويا آهن، ڪورونا وائرس جي وبا کانپوءِ صحت ۽ تعليم جي فراهمي ۽ ڪم ڪرڻ جي انداز ۾ به نوان طريقا متعارف ٿيا آهن، قومون قدرتي وسيلن سان نه، ذهني صلاحيتن سان بڻجنديون آهن، ذهن سازي سان پاڪستاني قوم عظيم تر بڻجندي، پاڪستان جي ترقي لاءِ هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ بدران اسان ??ي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو آهي. آرمي برن ڪاليج ۾ والدين جي ??هاڙي جي سالياني تقريب کي خطاب ڪندي صدر ??يو ته تعليم سان ??ڏوگڏ صحتمند هم نصابي سرگرمين ۽ راندين جا موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن. اهي سرگرميون شاگردن جي زندگي ۾ توازن پيدا ۽ انهن جي ??ردار سازي ڪنديون آهن. هن چيو ته مون پنهنجي استادن جو وڏو قدر ??ريان ٿو، استاد وڏي نعمت هوندو آهي، ڪالهه مون ٻارن تي جسماني سزا جي خلاف قانون تي صحيحون ڪيون، بدليل زماني ۾ علم حاصل ڪرڻ پهرين کان وڌيڪ آسان ٿي ويو آهي. ماضي ۾ استاد ئي علم حاصل ڪرڻ جو ذريعو هئا، اسلامي تاريخ ۽ حديث جو علم به استادن جي ذريعي ئي پکڙيو، هاڻي اليڪٽرانڪ دنيا ۾ علم جا ڊجيٽل ذريعا موجود آهن، نئون نسل اخبارن جي بدران اليڪٽرانڪ ذريعن مان فائدو کڻي رهيو آهي، علم حاصل ڪرڻ جا طريقا ۽ ذريعا بدلجي ويا آهن، وقت سان ??ڏوگڏ اسڪولن تي ٻار وڌندو ۽ آن لائن تعليم جي ضرورت پوندي، روايتي طرز تعليم جي جاءِ تي نوان طريقا وٺي رهيا آهن، ڪووڊ – 19 دوران صحت ۽ تعليم جو نظام به بدلجي ويو آهي، ڪيتريون ئي ڪمپنيون پنهنجي ملازمن کي گهر کان ??م جا موقعا فراهم ڪري رهيون آهن، صدر ??يو ته گهر ۽ اسڪول ڪنهن به ٻار جي تربيت ۾ اهم ڪردار اسا ڪندا آهن. ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ ٻارن جي تربيت اڻٽر آهي. هن چيو ته لحاظ، وڏن جي عزت، همدردي، ماحول جو تحفظ، اخلاق سان ??الهه ڪرڻ، هڪ ٻئي جو خيال رکڻ ۽ انساني همدردي اسان جي تهذيب ۽ قدرن جو حصو آهن. نبي ڪريم ﷺ اسان ??ي ان جي تعليم ڏني آهي، صدر ??يو ته پاڪستاني قوم ايثار ۽ قرباني جي جذبي سان معمور آهي، زلزلي دوران قوم جنهن جذبي جو مظاهرو ڪيو ان جي مثال نٿو ملي، هن چيو ته يورپ ۽ اولهه جيڪي دنيا کي انسانيت جو درس ڏيندا آهن انهن جي پنهنجي ??يفيت اها آهي ته سپر پاورز جي ظلم ۽ ستم کان تنگ اچي هجرت ڪندڙ مظلوم ماڻهن، عورتن ۽ ٻارن سان ??ريل ٻيڙين کي کلي سمنڊ ۾ واپس ڌڪيو ويندو آهي، ان جي ابتڙ اسان جي تهذيب ۽ قدر اهي آهن ته اسان 40 لک افغان پناهگيرن کي 40 سالن کان پناهه ڏئي رکي آهي ۽ اسان مان ??نهن به ڪڏهن اها ڳالهه تائين ناهي ڪئي ته اهي ماڻهو اسان تي بار آهن. صدر ??يو ته اسان ??ي پنهنجي ٻارن کي پنهنجي تهذيب ۽ قدرن کان آگاهه ڪرڻو آهي، هن چيو ته قائداعظم اسان ??ي ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جو درس ڏنو آهي، قومن جي زندگي ۾ نظم ۽ ضبط جي اهميت سڀ کان وڌيڪ آهي، ان ??انسواءِ ڪا به قوم ڪاميابي سان همڪنار نٿي ٿي سگهي، هن چيو ته قدرتي وسيلن سان قومون ناهن ٺهيون، پر قومن جي تعمير تاريخ ۽ ذهن سازي سان ٿيندي آهي. پاڪستان جي ترقي لاءِ اسان ??ي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو آهي، هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ سان پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي. صدر ??يو ته ڪ??رونا وائرس جي وبا دوران اسان ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جو مظاهرو ڪيو، بهترين حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن جي ??ري ڀارت ۽ ٻين ملڪن جي ابتڙ اسان وبا کان وڌيڪ محفوظ رهياسين.
قومن جي گڏيل ترقي لاءِ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ نظم ۽ ضبط اڻٽر آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil