اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ با??ر اعواڻ چيو آهي، ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ لاءِ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس تي اعليٰ عدالت ۾ آئين ۽ قا??ون موجب دليل ڏيندس. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ڄاڻايل پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. با??ر اعواڻ چيو ته ماڻهن کي يقين ڏيارڻ لاءِ رستو تجويز هئڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ قا??ون ۽ آئين جي بالادستي آهي. هن چيو ته اپوزيشن جي وڪيلن دليل ڏيڻ ۾ 3 ڏينهن لڳايا آهن، اسان گهٽ وقت ل??ائينداسين، اسان جا دليل آئين ۽ قا??ون موجب هوندا. هن چيو ته اڃا آرٽيڪل 63 (اي) جي تشريح جي حوالي سان به فيصلو اچڻو باقي آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل