ڪراچي ۔27 آڪٽوبر( اي پي پي ) سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي سخت مذمت ڪيون ٿا ڀارت ۽ مودي سرڪار کي سمجهڻ گهرجي ته 75 سالن جي سختين ۽ پابندين جي باوجود هو ڪشميرين جي جائز جدوجهد کي ختم ناهن ڪري سگهياآزادي ڪشميرين جي منزل آهي. اهڙن ??يالن جو اظهار هن ڪشمير ڊي جي موقعي تي پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي،صوبائي وزير چيو ته ڪشمير تي ڀارتي قبضو هاڻي وڌيڪ دير تائين نٿو هلي سگهي. ڪشمير جو م??ئل?? گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري ڀائرن جي خواهشن مطابق حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارتي جي ضد جي ڪري ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ امن کي سنگين خطرا آهن. عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي جو نو??يس وٺي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد ۾ انھن جي اخلاقي، سفارتي مدد جاري رکنداسين. پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ڪشمير جي م??ئل?? کي قومي ۽ عالمي سطح تي اج??گر ڪيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، صدر آصف علي زرداري ڪشمير م??ئل?? کي هر فورم تي ڀرپور طريقي سان اج??گر ڪيو آهي،ھن چيو ته پرڏيهي وزير ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي مشن ڪشمير کي مڪمل ڪندي.
ڀارت ۽ مودي سرڪار کي سمجهڻ گهرجي ته 75 سالن جي سختين ۽ پابندين باوجود ڪشميرين جي جدوجهد کي ختم نه ڪري سگهي: صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania