اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان کي 2023ع کان 2027ع تائين جي مدي لا??ِ گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم (يونيسڪو) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو ٻيهر ميمبر چونڊيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جو يونيسڪو جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي ميمبر طور ٻيهر چونڊجڻ ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي پراڻي حمايت ۽ ان جي تعميري ڪر??ار جو ثبوت آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ايگزيڪيوٽو بورڊ جي ميمبر طور پاڪستان يونيسڪو جو م??نڊيٽ مضبوط بڻائڻ جي لا??ِ ڪم ڪندو ۽ پاليسي سازي، معيارن جي ترقي ۽ عالمي ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ ۽ تنظيم جي پروگرامن سميت سرگرمين جي موثر نگراني ۾ پنهنجو حصو وجهندو. هن چيو ته پاڪستان گهڻ رخي پرجوش حامي طور سڀني خطن ۾ رابطا قائم ڪرڻ، ٺوس نتيجن ۽ زميني اثرن جي لا??ِ اهم مسئلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
پاڪستان 2023ع کان 2027ع تائين جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم (يونيسڪو) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو ٻيهر ميمبر چونڊجي ويو
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha