اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ عورتن جو مقام بهتر بڻائڻ ۽ انهن کي روزگار جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عورتن جي معاشي شموليت وڌائڻ جي لاءِ عورتن کي ڪم ڪار واري جڳهه تي سازگار ماحول ڏيڻو پوندو، عورتن کي جائز حصو ڏيڻ ۽ محفوظ معاشرو جوڙڻ اسان جي ذميواري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خ??ال?? جو اظهار هر??سم??نٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي هيڊ آفيس جي دوري جي موقعي تي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. هر??سم??نٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب فوزيه وقار، سيڪريٽري عارف ڪريم ۽ محتسب جي عهديدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چ??و ته اس??ام عورتن کي ملڪيت جا حق ڏنا آهن، دٻاءُ جي ڪري عورتن پاران خاندانن جي ماڻهن کي ملڪيت جي منتقلي جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. هن عورتن جي ملڪيتي حقن جي تحفظ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مناسب قانونسازي تي زور ڏنو ۽ چيو ته انصاف جو عمل تيز ڪرڻ ??ي لاءِ محتسب جي ڪيسن جي ذاتي ٻڌڻي ڪري رهيو آهيان. صدر چ??و ته عورتن جي هر??سم??نٽ ۽ ملڪيت بابت اهم فيصلن کي ميڊيا تي اجاگر ڪرڻ ??ان محتسب جي ڪردار بابت آگاهي وڌائڻ ۾ مدد ملندي، مقامي پوليس کي ملڪيت جي معاملن ۾ عورتن جي شڪايتن تي پنهنجو ردعمل بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پوليس اهلڪارن کي عورتن جي ملڪيتي حقن جي لاڳو ڪرڻ ??ي ايڪٽ جي شقن بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي، محتسب عورتن کي انهن جي درن تي فوري انصاف جي فراهمي جي لاءِ پنهنجي پهچ ۽ ڪارڪردگي وڌيڪ وڌائي. صدر چ??و ته محتسب تجويزون حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ پاڪستان ۾ غيرسرڪاري ۽ عورتن جي حقن جي تنظيمن سان رابطو وڌائي. هن چيو ته عورتن کي سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ هر??سم??نٽ کان پاڪ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ معاشي ۽ سماجي خودمختياري جي لاءِ ضروري آهي، عورتن کي روزگار جي فراهمي ۽ هر??سم??نٽ جي خاتمي واري ايڪٽ بابت آگاهي وڌائڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري سان تعاون وڌائڻو پوندو. هن عورتن کي تيز تر انصاف فراهم ڪرڻ ۾ هر??سم??نٽ جي خاتمي بابت محتسب جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته عورتن جي قيادت هيٺ هر??سم??نٽ جي خاتمي جهڙا ادارا ڪم ڪار وارين جاين تي عورتن کي درپيش مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ، ملڪيتي حق حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ اهم آهن. ان کان اڳ هر??سم??نٽ جي خاتمي بابت محتسب فوزيه وقار عورتن جي حقن جي تحفظ ۾ محتسب جي ڪردار تي روشني وڌي. ان موقعي تي صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته هر??سم??نٽ جي خاتمي بابت محتسب ڪم ڪار وارين جاين تي هر??سم??نٽ ۽ عورتن جي ملڪيت جي ڪيسز ۾ تيز تر انصاف فراهم ڪري رهيو آهي، 2023ع ۾ محتسب وٽ هر??سم??نٽ جا 725 ڪيس داخل ٿيا جن مان 517 جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته محتسب جي فيصلن جي خلاف هيستائين 208 اپيلون صدر وٽ داخل ڪيون ويون، رڳو 10 اپيلن تي ايوان صدر ۾ ڪارروائي جاري آهي جڏهن ته باقي اڪلايون ويون. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آگاهي جي ڪري هر??سم??نٽ ۽ عورتن جي ملڪيت جا ڪيس داخل ڪرڻ ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. بريفنگ ۾ چيو ويو ته عورتن جي هر??سم??نٽ، ملڪيت جي حقن کان محرومي پاڪستان ۾ عام مسئلا آهن. ان موقعي تي هر??سم??نٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب فوزيه وقار صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي محتسب جي لاءِ مسلسل حمايت کي ساراهيو.
ملڪ ۾ عورتن جو مقام بهتر بڻائڻ ۽ انهن کي روزگار جي فراهمي جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ