اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد ع??ي سنڌي جي صدارت هيٺ تعليم واري وفاقي وزارت ۾ اهم اجلاس من??قد ٿيو. اجلاس ۾ ڊي جي ايف ڊي اي ۽ ايڇ اي سي جي سينيئر نمائندن کان علاوه تعليم واري وزارت جي سينيئر عملدارن به شرڪت ڪئي. وفاقي وزير کي ايڇ اي سي پرائيويٽ ميمبر بل ”دي سمارٽ انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (ترميمي) بل 2023ع“ جي باري ۾ بريفنگ ڏني. کيس ??ُڌ??يو ويو ته ايڇ اي سي يونيورسٽي استادن لاءِ سروس اسٽرڪچر ۽ پروموشن پاليسي تيار ڪري رهيو آهي. ڊي جي ايف ڊي اي وفاقي وزير کي ايف ڊي اي جي استادن جي تربيت جي حوالي سان به بريفنگ ڏني. مدد ع??ي سنڌي کي هن وقت اسلام آباد ۾ ڪيمبرج سسٽن تحت اي ۽ او ليول ۾ تعليم هيٺ شاگردن جي انگ جي باري ۾ ??ُڌ??يو ويو. وفاقي وزير کي ??ُڌ??يو ويو ته اسلام آباد ان جو انگ تقريبن 6 هزار آهي. مدد ع??ي سنڌي ايڇ اي سي ۽ ايف ڊي اي کي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ اهڙيءَ طرح جي من??وبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج