اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چ??و آهي ته اڄ اسان ??حا??ت جي آزادي جو ڏينهن هڪ اهڙو ماحول جوڙڻ جي عزم سان ملهائي رهيا آهيون جتي ميڊيا نه رڳو خودمختيار ۽ اُسرندڙ هجي پ?? اسان جي آئين ۾ لکيل آزادين سان ذميواري سان لطف اندوز ٿي سگهي، هي ڏينهن اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ ??حا??ت جي آزادي جي صورتحال تي غور ڪرڻ ۽ ??حا??ين جي لاءِ هڪ محفوظ ۽ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. صدر ??حا??ت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته هڪ آزاد پريس عالمي اهميت جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ، جعلي خبرون ۽ الزام ختم ڪرڻ ۽ معاشري پاران هڪ نگران جي طور تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي، عالمي ڳڻتي جي مسئلن بشمول موسمياتي تبديلي، گرين ٽيڪنالاجيز، آلودگي ۽ گلوبل وارمنگ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پڻ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته هن سال ??حا??ت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جو عنوان ”سياري جي لاءِ پ??يس: ماحولياتي بحران کي منهن ڏيندڙ ??حا??ت“ موسمياتي تبديلين ۽ ان جي انساني زندگي ۽ ماحول تي اثرن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ماڻهن کي تعليم ڏيڻ ۾ آزاد ??حا??ت جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو، اسان سمجهون ٿا ته ميڊيا اسان جي ماحولياتي نظام تي موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٻيلن جي فروغ، صاف ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ، ڪاربن اخراج گهٽ ڪرڻ ۽ حياتياتي تنوع جي تحفظ جي ذريعي ماڻهن کي ماحول جي تحفظ جي ترغيب ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، هن سال جو عنوان ان ڳالهه تي پڻ روشني وجهي ٿو ته هڪ آزاد ۽ ذميوار پريس کي موسمياتي تبديلي بابت گمراهه ڪندڙ معلومات جي خلاف هر اول دستي جي طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??حا??ت جي آزادي جو عالمي ڏينهن ان ڳالهه جي ياد به ڏياري ٿو ته سڄي دنيا ۾ ??حا??ين کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ چئلينجز درپيش آهن، اسان کي ??حا??ين کي ڊپ، خوف يا هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي آزاداڻي طور تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهن، ان لاءِ ضروري آهي ته ??حا??ين جي سيڪيورٽي ۽ سلامتي جي لاءِ قدم کنيا وڃن جنهن سان اهي بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي اسان جي مسئلن تي آزاداڻي رپورٽنگ ڪري سگهن، پاڪستان جو آئين ??حا??ت جي آزادي جي ضمانت ڏي ٿو جڏهن ته اها ميڊيا جي به ذميواري آهي ته اها ??حا??تي اخلاقيات جي پابندي ڪري ۽ قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي ذميواراڻي ۽ صحيح رپورٽنگ ڪري، ميڊيا کي جعلي خبرن جي خاتمي ۽ اخلاقي قدرن جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان دنيا ۾ جمهوري قدرن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ سماجي ۽ اقتصادي اهميت جي مسئلن، خاص طور تي موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ بابت بيداري پيدا ڪرڻ ۾ پڻ ميڊيا جي ساراهه جوڳي ڪرد??ر کي تسليم ڪريون ٿا، مون کي اميد آهي ته ميڊيا عالمي ڳڻتي جي مسئلن بابت بيداري پيدا ڪرڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندي رهندي، مون کي يقين آهي ته اسان جي ڌرتيءَ کي موسمياتي تبديلي جي خطري کان بچائڻ جي لاءِ ميڊيا پاران انهن مسئلن جي وڪالت جي ڪري عالمي سطح تي تحريڪ پيدا ٿيندي.
صحافت جي آزادي جو ڏينهن ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي صورتحال تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات