اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ جي خلاف داخل ڪيس تي انصاف جي عالمي عدالت جي في??لي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان في??لي تي عملدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي، پاڪستان مظلوم فلسطينين جي بنيادي انساني ۽ قانوني حقن جي تحفظ لاءِ پنه??جو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري غزه ۾ اسرائيلي آپريشن روڪڻ جي عالمي عدالت جي في??لي تي فوري عمل ڪرائي، رفح ۾ آپريشن روڪڻ جي انصاف جي عالمي عدالت جي في??لي تي عملدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته مظلوم انسانيت جي حق ۾ في??لو ڏيندڙ 13 ججن ۽ پٽيشن داخل ڪرڻ تي ڏکڻ آفريقا کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي پٽيشن جي حمايت ڪئي هئي، اڳتي به سمورن فلسطينين جو ڪيس وڙهندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته عدالتي في??لي موجب گڏيل قومن جي جاچ ڪميشن کي غزه ۽ رفح ۾ فوري پهچ ڏني وڃي، في??لو مظلوم انسانن ??ي فتح آهي، في??لي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. هن چيو ته رستا کولڻ، غذائي ۽ طبي امداد ??ي فوري فراهمي جي في??لي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي ته جيئن مظلوم انسانن کي ريليف ملي سگهي، پاڪستان مظلوم فلسطينين جي بنيادي انساني ۽ قانوني حقن جي تحفظج ي لاءِ پنه??جو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
وزيراعظم پاران فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ جي خلاف داخل ڪيس تي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados