اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري آذربائيجان کي ڪوپ – 29 ڪانف??نس جي ميزباني حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪوپ – 29 جي نتيجي ۾ اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مالياتي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صد?? آصف علي زرداري آذربائيجان جي ماحولياتي ۽ قدرتي وسيلن واري وزير مختار بابائيف سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صد?? ۾ ملاقات ڪئي. صد?? ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ماحول دوست ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ، وڻڪاري کي ف??وغ ڏيڻ ۽ گرين هائوس گئسن جو اخراج گهٽ ڪرڻو پوندو، گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي سان گليشيئرز متاثر ٿي رهيا آهن، گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي پاڻي جي کوٽ جو سبب به بڻجي رهيا آهن، ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي تعاون گهربل آهي. صد?? چيو ته پاڪستان لکين هيڪٽرز تي تمر جا ٻيلا ??ڳايا آهن، تمر سان پاڪستان کي ڪاربن ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ، ماحولياتي ت??فظ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان آذربائيجان سان گڏيل مفادجي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. صد?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ رابطن، ٻطرفي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن کي ف??وغ ڏيڻ تي زور ڏنو. آذربائيجان جي ماحوليات واري وزير مختار بابائيف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ سياحت ۽ ثقافت جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آذربائيجان جي ماحوليات واري وزير نومبر 2024ع ۾ باڪو ۾ ٿيندڙ ڪوپ – 29 ڪانف??نس ۾ شرڪت جو دعوتنامو صد?? کي پهچايو. صد?? ڪوپ – 29 ڪانف??نس جي ڪامياب ميزباني جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته آذربائيجان ماحولياتي لحاظ کان اسرندڙ ملڪن جي مفادن جي ت??فظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.
صدر آصف علي زرداري پاران آذربائيجان کي ڪوپ – 29 ڪانفرنس جي ميزباني حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا