اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي و??ثي ۽ ثقافت واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۾ چونڊ عمل کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عالمي ادارن جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا جي عروج سياسي مصروفيتن کي نئين شڪل ڏني آهي، موج??ده ڊيجيٽل دور ۾ جتي ڊيجيٽل تي ٻڌل حڪمت عملين جي راهه هموار ٿي آهي ات?? فيڪ نيوز، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جا چئلينجز پڻ درپيش آهن. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي چونڊ ضرورتن جي جائزه مشن س??ن ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، يو اين ڊي پي، اليڪشن سپورٽ پروگرام جي ذريعي ٽيڪنيڪي معاونت جي فراهمي، فيڪ نيوز، مس انفارميشن، ڊس انفارميشن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي و??ير گڏيل قومن جي جائزه مشن پاران پاڪستان ۾ چونڊن جي شفافيت جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ چونڊ عمل کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عالمي ادارن جو تعاون ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته موج??ده ڊيجيٽل دور ?? پاڪستان ۾ چونڊ مهم ۾ تبديلي آئي آهي. سوشل ميڊيا جي عروج سياسي مصروفيتن کي نئين شڪل ڏني آهي، موج??ده ڊيجيٽل دور ۾ جتي ڊيجيٽل تي ٻڌل حڪمت عملين جي راهه هموار ٿي رهي آهي ات?? فيڪ نيوز، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جا چئلينجز پڻ درپيش آهن. هن چيو ته فيڪ نيوز، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن سڄي دنيا جا مسئلا آهن. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪست??ن موج??ده دور جي گهرجن موجب ڊيجيٽل محاذ تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن گڏيل قومن جي چونڊ ضرورتن جي جائزه مشن کي پنهنجي چونڊ تڪ بابت به آگاهه ڪيو. وفاقي و??ير چيو ته چونڊ عمل ۾ ووٽرن کي آگاهي فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. منهنجي چونڊ تڪ ۾ مسيحي برادري جا 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شامل آهن. هن چيو ته منهنجي چونڊ تڪ ۾ هر ماڻهو کي متحرڪ ڪيو ۽ انهن کي هر شعبي بابت آگاهي فراهم ڪئي. گڏيل قومن جي چونڊ ضرورتن جي جائزه مشن پاڪستان حڪومت جي چونڊ عمل جي ساک کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن کي ساراهيو. وفد ۾ پوليٽيڪل افيئرز آفيسر هيسام منڪارا، اديتيه آڌيڪاري، يو اين ڊي پي ريجنل ايڊوائيزر ناجيه هاشمي، چيف ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر يو اين ڊي پي ايس اي ايل پي ميري ڪيومنز، پروگرام ايڊوائيزر ايس اي ايل پي يو اين ڊي پي محمد قاسم جنجوعه شامل هئا.
سوشل ميڊيا جي عروج سياسي مصروفيتن کي نئين شڪل ڏني آهي: عطاءُ الله تار
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔