اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان فلسطيني سياسي ڌڙن پاران بيجنگ ۾ ”اتحاد جي پڌرنامي“ جي آجيان ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن بامقصد ڳالهين جي لاءِ ??لسطيني سياسي ڌڙن کي گڏ ڪرڻ ۾ چين جي ڪردار کي تسليم ڪندي ان کي ساراهيو. ترجمان چيو ته فلسطيني عوام خاص طور تي غزه ۾ جاري جنگي ڏوهن ۽ اسرائيلي قابض فوج پاران عالمي قانونن جي واضح خلاف ورز?? جي ڏس ۾ فلسطيني عوام جي وچ ۾ اتحاد انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها غزه ۾ جاري غيرقانوني ۽ مسلسل جارحيت جي خاتم?? جي لاءِ ??وري مداخلت ڪري. ترجمان چيو ته اسان فلسطيني عوام جي خودمختيار?? جي تسليم ٿيل حق حاصل ڪرڻ، ان??ن جي فلسطين ۾ واپس?? جي حق ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي واري شهر طور هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪريو?? ٿا.
پاڪستان پاران فلسطيني سياسي ڌڙن پاران بيجنگ ۾ ”اتحاد جي پڌرنامي“ جي آجيان
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔