اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان جمعي ڏينهن پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير ميريلينا ارميلن ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ – اٽلي ٻه طرفن پارليام??ني ۽ واپاري لاڳاپن سميت ٻين معاملن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان مو??عي تي چيو ته پاڪستان اٽلي سان پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي نهايت اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هميشه خيرسگالي ۽ اعتماد تي ٻڌل رهيا آهن. اسپيڪر چيو ته پاڪستان اٽلي سميت سمورن دوست ملڪن سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿ?? ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پارليام??ني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو، پارليام??ني وفدن جي مٽا سٽا ۽ فعال پاڪ-اٽلي پارليام??ني فرينڊشپ گروپ سان گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. اٽلي جي سفير اسپيڪر جي اٽلي لاءِ خير سگالي جي جذبن جي اظهار ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿ?? ڏيڻ جي خواهش تي ٿورو مڃيو ۽ اٽلي جي پاڪستان سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ هٿ?? ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان اٽلي جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کڑک