اسلام آباد-22 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ احتجاج روڪڻ دوران امڪاني نقصان جا ذميوار اهي هوندا جيڪي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ايندا، 24 نومبر تي اسلام آباد ۾ احتجاج جي ڪا به درخواست ناهي ڏني وئي، عدالت جي فيصلي تي سئو سيڪڙو عملدرآمد يقيني بڻائينداسين، اسلام آباد ۾ ڪنهن کي به جلسا جلوس يا ڌرڻي جي ??جازت نه ڏينداسين، ڪي پي حڪومت ٻڌائي ته انهن جو ڌيان اتي دهشتگردي ختم ڪرڻ تي هجڻ گهرجي يا اسلام آباد تي ڪاهه لازمي آهي.اڄ هڪ طرف جنازا کڄي رهيا آهن ته ٻي طرف ڪاهه جون تياريون ٿي رهيون آهن. هو ڪالهه صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. احتجاج کي روڪڻ جي ڪوشش دوران ٿيندڙ امڪاني جاني نقصان جو ذميوار ڪير هوندو؟ جي ??وال جي ??واب ۾ گهرو وزير چيو ته ذميوار اهو ئي هوندا جيڪي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ??ڪم جي ??لاف ورزي ڪري ايندا. ذميوار اهي هوندا جيڪي ڪاهه ڪ??ڻ اچي رهيا آهن. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته نه دڪان بند ??يڻ گهرجن، نه ڪ??روبار بند ??يڻ گهرجي، نه روڊ بند ??يڻ گهرجي ۽ نه موبائيل فون سروس بند ??يڻ گهرجي، پر ٻڌايو ته اسان ڇا ڪريون؟ هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي ??ميواري صوبائي حڪومت جي ??هي، گذريل ڏينهن کين دهشتگردي کي نظر ۾ رکندي ايف سي جون 15 پلاٽون گهربل هيون، جيتوڻيڪ اسان کي اسلام آباد ۾ به ايف سي جي ??رورت هئي پر اسان هتي روڪ نفري اتي موڪلي آهي. صوبائي حڪومت جي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آهي پر صوبائي حڪومت کان به پڇيو وڃي ته ان جو به ڌيان دهشتگردي ختم ڪرڻ تي هجڻ گهرجي يا اسلام آباد تي ڪاهه ڪ??ڻ تي هجڻ گهرجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جو ڪم صرف مدد فراهم ڪرڻ آهي. ارڙهين ترميم کانپوءِ امن امان اسان جي ??ميواري ناهي، جيڪو اهي مطالبو ڪن ٿا اسان اهو پورو ڪريون ٿا پر امن امان جي پهرين ذميواري صوبائي حڪومت جي ??هي. گهرو وزير چيو ته 40 جنازا کڄڻ کانپوءِ اتي ويٺل ماڻهن کي پاڻ سوچڻ گهرجي ??ه انهن جي پهرين ترج??ح ڪهڙي هجڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪو به قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته اڄ شام وزيراعظم جهڙي طرح گائيڊ ڪندو بلڪل ان جي هدايت موجب ڪنداسين، جيڪڏهن اهي ڌرڻي لاءِ اچڻ جي ڪوشش ڪندا ته تمام گهڻي مشڪل ٿي ويندي، نقصان جا ذميوار اهي ماڻهو هوندا جيڪي آرڊر جي ??لاف ورزي ڪري ڪاهه لاءِ اچي رهيا آهن. منهنجو اڊيالا سان ڪوبه رابطو ناهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ايس سي او ڪانفرنس جو خيال نه رکيو هاڻي بيلاروس جو وفد اچي رهيو آهي، اوهان آمريڪا ۽ سعودي عرب کي وچ ۾ کڻي آيا، آمريڪا جي ??والي سان به ڳالهايو ٿا، اوهان هڪ سال اندر ايترا يوٽرن ڪيئن وٺو ٿا. گهرو وزير چيو ته اوهان پنهنجو آواز لاڳاپيل فورمن تي اٿاريو. 24 نومبر جي ڌرڻي کي 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ واري ڪا به ڳالهه نه آهي، نه ئي ڳالهين جي ??رورت آهي ۽ نه ئي ٿيڻ گهرجن. صرف جائز طريقي سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، هڪ طرف ڌرڻو ۽ ٻي طرف ڳالهيون ايئن نٿو ٿي سگهي.
عدالت جي فيصلي تي سئو سيڪڙو عملدرآمد يقيني بڻائينداسين،امڪاني نقصان جا ذميوار اهي هوندا جيڪي عدالتي فيصلي خلاف ايندا: وفاقي گهرو وزير
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II